دنيا دو رنگي

دنيا دو رنگي

دنيا دو رنگي

دنيا دو رنگي (ڪتاب): سنڌي ادب جي هن مشهور ڊرامي/ ناٽڪ جو مصنف غلام نبي خانآغا‘ آهي. هيءُ ڊرامو بنيادي طور اسٽيج ڊرامي طور لکيل آهي، جيڪو اٺن پردن تي مشتمل آهي. مصنف ڪمال فن سان هيءُ ڊرامو نظم جي دلڪش پيرايي ۾ لکيو.
هــيءُ ڊرامــو/ نـاٽـڪــ سـمـاجـي پسمنظر ۾ هڪ رومانوي داستان سان گڏ هيٺئين طبقي جي احساس ڪمترين جي مڪمل تصوير آهي. نظم ۾ سرجيل هن ڊرامي ۾ ليکڪ بيت، غزل، نظم، آزاد نظم ۽ نظميه نثر جو استعمال ڪيو آهي. ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1960ع ۾، جڏهن ته ٻيو ڇاپو 1992ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شوري ڇپايو آهي. ڪتاب ۾ ’ناشر طرفان ٻه لفظ‘ محمد ابراهيم جويي جا لکيل آهن ۽ ناشر طرفان نوٽ امداد حسينيءَ جو آهي. 200 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز ۾ ڪچي جلد سان ڇپيل هن ڪتاب جي قيمت 20 روپيا آهي.


لفظ دنيا دو رنگيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو